شجره سادات رضوي نقوي بکري

شجره سادات رضوي/ نقوي بکري: هيءُ تذڪرو تاريخي ماخذ طور اهميت جوڳو آهي. شجره سادات رضوي سيد علي اڪبر شاهه فائق جانشاهيءَ جو مرتب ڪيل آهي. هن نسخي ۾ مؤلف پنهنجي خاندان جو احوال تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ڪيترن هنڌن تي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان پڻ قيمتي مواد شامل ڪيو ويو آهي. هن ساڳئي نالي سان هڪ ٻئي نسخي جو تذڪرو پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ‘حديقة الاولياءَ’ جي مقدمي ۾ آندو آهي، پر اهو سيد قنبر علي شاهه بن سيد امان علي شاهه رضوي بکريءَ جو مرتب ڪيل آهي.
هن نسخي ۾ موجود مواد جي روشنيءَ ۾ رضوي ساداتن بابت ‘تحفة الڪرام’ ۾ درج غلطين بابت درست معلومات ملي ٿي. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هن نسخي کي املهه سمجهيو وڃي ٿو.
فل اسڪيپ سائيز جي 140 صفحن تي مشتمل هيءُ نسخو رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه جانشاهي، ساڪن روهڙيءَ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو